ايس. ايم عباسي

ايس. ايم عباسي

عباسي ايس ايم

عباسي، ايس. ايم: پاڪستان جي اڳوڻي آرمي آفيسر، سنڌ جي گورنر ايس. ايم عباسيءَ جو پورو نالو ليفٽيننٽ جنرل صاحبزاده محمد صادق الرشيد ابراهيم عباسي هو. سندس جنم 1926ع ڌاري بهاولپور ۾ ٿيو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ائچيسن ڪاليج، لاهور مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ رائل پاڪستان آرمي ۾ شموليت اختيار ڪيائين. هن پهرين مائونٽين ريجيمينٽ مان ڪميشن ڪئي ۽ 25 نومبر 1948ع تي رائل پاڪستان آرٽلري ۾ سيڪنڊ ليفٽيننٽ جي حيثيت سان شامل ٿيو. انهي عرصي دوران رائل انڊين ملٽري اڪيڊمي، دهراڌون (هندستان)، پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (ڪاڪول)، رائل پاڪستان آرٽلري اسڪول (نوشهره) ۽ رائل آرٽلري اسڪول (لارڪ هل)، ولٽز مان ملٽريءَ جي تعليم حاصل ڪئي. پاڪستان آرمي ۾ ڪجهه عرصو ميجر جنرل (آرٽلري) جي عهدي تي رهيو. (هاڻي هي عهدو ڊي جي آرٽلري سڏبو آهي). کيس 1978ع ۾ ترقي ڏئي ليفٽيننٽ جنرل مقرر ڪيو ويو، جنهن دوران 1980ع تائين ڪراچي ۾ پنجن فوجي دستن جو هڪ ئي وقت ڪمانڊر رهيو. ان کانسواءِ ملٽري ڊڪٽيٽر ضياءَالحق جي دور ۾ بلوچستان اندر مارشل لا ايڊمنسٽريٽر رهيو. جنرل ايس.ايم عباسي، ضياءُالحق جي دور ۾ 18 سيپٽمبر 1978ع کان 16 اپريل 1984ع تائين سنڌ جو گورنر پڻ رهيو. سندس شادي مير مقبول محمود جي نياڻي بيگم ياسمين سلطانه سان 1960ع ۾ ٿي، جنهن مان کيس هڪ پٽ ٻن نياڻين جو اولاد ٿيو. هن 21 مارچ 2002ع ۾ دل بند ٿيڻ سبب راولپنڊي ۾ وفات ڪئي. کيس نوابي قبرستان، دراوڙ قلعي ۾ دفن ڪيو ويو. کيس نشان پاڪستان ۽ هلال امتياز سان نوازيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2002.03.21  عيسوي

پاڪستان جي اڳوڻي آرمي آفيسر، سنڌ جي گورنر ايس. ايم عباسيءَ جو پورو نالو ليفٽيننٽ جنرل صاحبزاده محمد صادق الرشيد ابراهيم عباسي هو. سندس جنم 1926ع ڌاري بهاولپور ۾ ٿيو. هن 21 مارچ 2002ع ۾ دل بند ٿيڻ سبب راولپنڊي ۾ وفات ڪئي.


1978.9.18  عيسوي

جنرل ايس.ايم عباسي، ضياءُالحق جي دور ۾ 18 سيپٽمبر 1978ع کان 16 اپريل 1984ع تائين سنڌ جو گورنر پڻ رهيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوناڪشي سنها
رمضان سٻاهيو ڊاڪٽر
راماڻي شيلا
آرمسٽرانگ نيل
اسلم تنيو
شهريار خان مهر
راحيلا شر
شازيه پتافي ڊاڪٽر
پير عبدالحئي نقشبندي
دولت خان لوڌي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون